سنڌو ماٿر جي سڀيتا

سنڌو ماٿر جي سڀيتا

سنڌو ماٿر جي سڀيتا

سنڌو ماٿر جي سڀيتا (ڪتاب): هي ڪتاب ناليواري آثارِ قديمه جي ماهر محمد ادريس صديقي جو تحرير ڪيل آهي، جنهن ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب تمدن جي موضوع تي روشني وڌل آهي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو شمس سرڪيءَ ڪيو آهي. هي ڪتاب سنڌ جي قديم آثارن، کوٽائيءَ مان ظاهر ٿيل قديم تمدن ۽ ثقافتي علامتن ۽ اهڃاڻن جي مد ۾ تحقيق ۽ تصنيف جو عملي ۽ ادبي خزانو آهي، جنهن ۾ موهن جي دڙي، هڙاپا، چانهون جي دڙي، ست ڪاجن جي دڙي، علي مراد، ڪوٽ آمري، دبر ڪوٽ ۽ مختلف ماڳ مڪانن جي کوٽائيءَ مان حاصل ڪيل شين، اوزارن، هٿيارن، رانديڪن، ٺڪرن، ڌاتن مان ٺهيل مختلف شين، زيورن ۽ مڻين، مورتين ۽ بتن، سنگتراشيءَ جي سامان، عمارتسازي وغيره جي ڪيترين ئي حڪمت عملين مان انومان ڪڍي، تحقيق ذريعي اها ڳالهه پڌري ڪئي وئي آهي ته سنڌو ماٿري 5000 سال پراڻي شاهڪار تهذيب رهي آهي، جيڪا زندگيءَ جي هر شعبي، هنر ۽ حڪمت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي ۽ سندس تعلقات همعصر تهذيبن جهڙوڪ: ميسوپوٽيميا جي تهذيب، بابلين تهذيب، اسيرين ۽ سميرين تهذيب، مصر، ايران ۽ عراق جي تهذيبن سان گهڻا ۽ گهاٽا هئا. هتي جا رهواسي علم ادب، فن، هنر، تجارت، مذهب، زراعت، عمارت سازي، سنگتراشي ۽ ڪيترن ئي اعلى قسم جي ثقافتي ۽ نظرياتي خيالن ۽ ڪارنامن کان چڱي طرح واقف هئا.
هن ڪتاب جو تعارف ان وقت جي ڊاڪٽر فضل احمد خان ڊائريڪٽر محڪمه آثار قديمه پاڪستان جو لکيل آهي، جنهن ۾ سنڌو ماٿريءَ جي عظيم تهذيب ۽ ان جي مختلف ماڳن مڪانن جي کوٽائيءَ کانپوءِ ظاهر ٿيل تمدن جي عظمت بابت انڪشاف آهي. ’پيش لفظ‘ محمد ادريس صديقيءَ خود لکيو آهي، جنهن ۾ سندس تحقيقات بابت ويچار ظاهر ڪيل آهن. ڪتاب ۾ نقشا، خاڪا ۽ تصويرون به شامل آهن.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1979ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشوري طرفان شايع ڪيو ويو. ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب 208 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو ٻيو شمارو 1995ع ۾ شايع ٿيو، هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.


لفظ سنڌو ماٿر جي سڀيتاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو